روشن ڇانورو 1

روشن ڇانورو 1

روشن ڇانورو 1

روشن ڇانورو1 (ڪتاب): هيءُ سنڌي شاعريءَ جي اهم شاعر نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس دوها، سورٺا، غزل ۽ ترائيل شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي نقاد سڳن آهوجا، جديد شاعريءَ ۽ ان ۾ نارائڻ شيام جي مقام بابت 40 صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي شاعريءَ جي پهرين سجاڳي، ٻي سجاڳي، ٽين سجاڳي ۽ نئين سجاڳيءَ جو جائزو ورتو آهي. نئين سجاڳيءَ جي شاعريءَ ۾ هن اظهار جي نئين تاڃي پيٽي، نين ڌارائن، نئين ڪلاسيڪل شاعري، جمالياتي شاعري ۽ ڪائناتي شاعريءَ تي تفصيلي روشني وجھندي، نارائڻ شيام جي اهميت جو ذڪر ڪيو آهي. ڪرائون سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڪهاڻي پبليڪيشن، بمبئيءَ، 1961ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو